ٺل (ن پ ا) ٺل واسي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان جي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل مغوي نوجوان ممتاز ڊول کي زنجيرن ۾ جڪڙي لٺين سان تشدد ڪري رهيا آهن، نوجوان دانهون ڪندي چئي ٿو ته منهنجي مٿان  تشدد ڪيو وڃي ٿو،خدا جي واسطي مون کي آزاد ڪرايو وڃي، ڌاڙيل 70 لک ڀنگ گهرن ٿا جيڪو هنن کي ڏنو وڃي نه ته هو مون کي ماري ڇڏيندا، نوجوان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واضح رهي ته نوجوان کي 40 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو ويو هو.