خانپور/رستم/ٺل (نمائندن وٽان) ٺل واسي مغوي بازياب، پوليس طرفان ڌار ڌار مقابلن جي دعويٰ، ٺل ويجهو ٻه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان ڳوٺ فضل لاهي بنگلاڻي ويجھو اغوا ٿيل نوجوان مجاهد پٽ غلام رسول لاشاري کي مبينا پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس رهزن ڍورو واري علائقي ۾ مبينا مقابلي بعد مجاهد پٽ غلام رسول لاشاري کي بازياب ڪرايو، ايس ايچ او بي سيڪشن اياز پٺاڻ موجب نوجوان کي رهزن ڍورو واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي، نوجوان مجاهد ٻڌايو ته ڌاڙيلن بند جڳهه ۾ قيد ڪيو، جتي پوليس پهتي ته ڏوهاري ڀڃي ويا ۽ پوليس مونکي بازياب ڪرايو.ٻي طرف ايس ايس پي شڪارپور ۽ رينجرس جي ونگ ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ انٽيليجنس بيسڊ ذريعي آپريشن دوران پوليس پاران مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي پڻ دعوىٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي شڪارپور موجب ڪوٽ شاھو ۾ آپريشن دوران ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باھيون ڏئي ساڙيو پيو وڃي، آپريشن دوران ڏوھاري پنهنجو گھيرو تنگ ڏسي مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا آھن.هوڏانهن ذريعن موجب مغوي مجاھد علي لاشاري جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن سبب ٿي آهي.