ٺل(ن پ ا) ٺل جي ڳوٺ سڪندر آباد جي رهواسي اڳوڻي يوسي ناظم عاطف خان کوسو جا 2  پٽ ڪوئيٽا ويندي بلوچستان جي علائقي بختيارآباد وٽان ڪار سميت اغوا ٿي ويل حيدر خان کوسو، محمد يوشا کوسو ۽ سندس ڀائيٽو سلمان کوسو جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو،ان حوالي سان مغوي نوجوانن جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن،  ان ڏس ۾ پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ۽ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مير طاهر کوسو،اڳوڻو يوسي ناظم عاطف کوسو ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شهاب کوسو،ٻرڙا برادري جي سردار صدام حسين ٻرڙو ۽ ٻين جي حيربيار ڊومڪي سان بلوچستان ۾ ملاقات ڪري مغوي جي بازيابي جي مدد جي گذارش ڪئي. مغوي نوجوانن جي والد اڳوڻي يوسي ناظم عاطف کوسو ٻڌايو ته پٽن جو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو ، ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي مدد سان سردار حيربيار ڊومڪي سان ملاقات ڪري مدد جي اپيل ڪئي.