ٺل (ن پ ا) ٺل ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 6 جي ڪائونسلر نظير نوناري ۽ ملازم عبدالحق سرڪي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڪائونسلر نظير نوناري جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي پيا جھيڙي دوران ميونسپل ڪاميٽيءَ انتظاميا پاران پوليس کي طلب ڪري ورتو . ڪائونسلر نظير نوناري ۽ ملازم عبدالحق سرڪي ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ھڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي. ڪائونسلر نظير نوناري ٻڌايو ته چيئرمين شاھزيب سرڪي کان ميونسپل بجيٽ بابت پڇاڻو ڪيم ته ھن ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. ھن چيو ته چئرمين کان پڇاڻو ڪيم ته ميونسپل جي 90 کان وڌيڪ ملازم جون 30 ھزار في ملازم جون پگھارون ڪھڙي بنياد تي ڪٽيون ۽ واڌو پگھارون به نه ٿو ڏين جيڪا ملازمن سان ناانصافي آھي.ھن چيو ته چيئرمين شھر ۾ گيس جي پائيپن جي کوٽائي جي مد ۾ آيل 70 لک ڪٿي خرچ ڪيا آھن ان مامري جو پڇاڻو ڪرڻ تي ھن مونکي پنھنجي ملازمن کان حملو ڪرائي آفيس جا گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا.  ھن ٺل ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ جعلي ڀرتيون ڪيون آھن جنھن جي به جاچ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي باقي ماھوار ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿئي ٿي ان جو پڇاڻو ڪرڻ اسان جو حق آھي ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آھي پڇاڻو ڪرڻ تي مونکي حراسان ڪرايو پيو وڃي ھوڏانھن ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ملازم عبدالحق سرڪي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جي چئرمين ميونسپل ڪاميٽيءَ شاھزيب سرڪي کي نظير نوناري گھٽ وڌ ڳالهايو  بلاجواز اسان کي گارگند ڪيو اسان ڪوبه حملو ناھي ڪيو باقي منھن ماري ٿي آھي.