ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ 35 ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري ڪيس ۾ پوليس هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، پوليس هڪ جوابدار کانسواءِ ٻين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، ڪالهه نگران صوبائي وزير عمر سومرو جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ لڳل احتجاجي ڌرڻي تي پهتو، جتي مقتول جي وارثن هن آڏو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جون دانهون ڪندي روئي ويٺا، وارثن دانهيو ته جوابدارن کي پٺڀرائي حاصل آهي، جن جي مرضي موجب جاچ آفيسرن کي تبديل ڪيو پيو وڃي، صوبائي وزير وارثن کي خاطري ڪرائي ته مڪمل انصاف ڪيو ويندو، ڪيس جي جاچ ٻيهر ڪرائي ويندي، جنهن ۾ فريادي ڌر جي چوڻ تي جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ کي مقرر ڪيو ويندو،
هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دڪاندار کي ڦر دوران قتل ڪرڻ افسوسناڪ آهي.