ٺل(ن پ ا) ٺل جي رائيس مل مان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ،قتل جو شڪ،2 چوڪيدار گرفتار، شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس وٽ هادي بخش سرڪي جي رائيس مل مان ڳڙهي ياسين واسي 18 ورهين جي مزدور حسيد عرف علي خان جتوئي جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو.اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل  ڪيو، نوجوان جي والد عباس علي جتوئي جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ ٺل ۾ گذريل ڪيترن کي سالن کان وٺي هادي بخش سرڪي جي مل تي مزدوري ڪندو هو، جنهن جو لاش مل مان مليو آهي، هن چيو ته  مونکي شڪ آهي ته پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، هاڻي وري خودڪشي جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن مل مالڪ ٻڌايو ته مل تي چوڪيدارن کي هٿيار مليل هو، جيڪو ڪمري ۾ پيل هو، جتي نوجوان وجهه وٺي پاڻ مٿان فائر ڪيو.هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪري ٻن چوڪيدارن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان قتل ٿيو آهي يا خودڪشي ان جي جاچ شروع ڪئي آهي.