ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ درياءَ بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سياسي سماجي پارٽين، سول سوسائٽي جي سوين عورتن ۽ مردن حاجن گل شر، صدا حسين شر، آزاد شر، وقار جوڳي، قدير شر، ظفر شر، نسيم اعجاز، استاد شرجيل، منظور سنڌي، در محمد بگٽي، سرڪار حسين اسدي، مسمات ڀرائي شر، فضا شر، صفيا شر ۽ بينظير شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آھي، سنڌ مان ڪوئلو، گيس ۽ تيل به پنجاب کڻي ٿو وڃي پر ھاڻي ھو اسان جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي ڪربلا بڻائڻ چاهي ٿو، ھنن چيو ته پرامن مظاھرين تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ڪينالن خلاف تحريڪ کي روڪڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته اسان ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناھيون، سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف خاموش نه ويهنداسين، سنڌو درياهه جا محافظ آھيون، ھنن انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ اقوام متحدهه کان گھر ڪئي ته سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي واري منصوبي جو نوٽيس وٺي تڪراري ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪيو وڃي.