ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ شر برادري جي ماڻھن پوليس ۽ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي، جڏهن ته شھر ۾ جزوي شٽربند ھڙتال پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي عبدالرسول شر، شمشاد شر، ستار شر، عثمان شر، راجا الطاف شر ۽ ٻين چيو ته چار ڏينھن اڳ بااثر خوش محمد جلباڻي ھٿياربند ساڻ ڪري مجيب الرحمان شر جي گھر تي حملو ڪيو، جنھن ۾ گولي لڳڻ ڪري اسلم شر ۽ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا ھئا، ھنن چيو ته ٺري ميرواهه پوليس ڳري رشوت وٺي اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، اسان اھڙي ناانصافي خلاف قانون ھٿ ۾ کڻڻ بدران انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، ھنن گھر ڪئي ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي اسان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.