ٺري ميرواھ (ن پ ا) گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ٺري ميرواھ ۾ تعلقي اسڪول والي بال ٽورنامينٽ جو فائنل رائونڊ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۽ بوزدار وڏا ھاءِ اسڪول جي ٽيمن جي وچ ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ بوزدار وڏا ھاءِ اسڪول جي ٽيم 10 اسڪور تان ڪاميابي ماڻي ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي، ٽيم جي ڪاميابي ماڻڻ بعد دھل شرنائن تي شاگردن پاران جھمريون ھنيون ويون، جڏھن ته ان موقعي تي اي سي ميرواھ سليم حسن گڏاڻي ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم کي ڏھ ھزار ۽ رنر ٽيم کي پنج ھزار انعام سان نوازيو جڏھن ته اي سي ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي محنت، جذبي ۽ ٽيم ورڪ جي بدولت اها شاندار ڪاميابي اوھان جي اسڪول ٽيم کي ملي آھي تعليم جي ميدان ۾ به اوھان پاڻ ۾ مقابلا ڪري اڳتي وڌي منزل ماڻي سگھو ٿا ان موقعي تي ٽي اي او سيڪنڊري شمس الدين لغاري چيف ھيڊماسٽر فيض علي جسڪاڻي ٻيا عملدار به موجود ھئا.