ٺري ميرواھه(ن پ ا) ٺري ميرواھه مانڊڻ لنڪ روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪل وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٽن عورتن ظھيران مانڊڻ ممتاز بيگم اسلامي بشيران اسلامي ۽ ڪامران اسلامي حفيظ اسلامي پرويز اسلامي امتياز مانڊڻ منصور مانڊڻ سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقا اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي نوجوان ڪامران اسلامي فوت ٿي ويو جڏھن ته باقي سمورن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين گمس ۽ خيرپور اسپتالن ڏانھن رفر ڪيو ويو جڏھن ته اھڙي اطلاع تي حادثي جو شڪار ٿيلن جا وارث عيد تياريون سوڳ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا فوتي نوجوان ۽ سمورن زخمين جو ھڪ ئي ڳوٺ مانڊڻ سان آھي وارثن موجب  فوتي ڪامران اسلامي سان موٽرسائيڪل تي سوار ماڻھو  ڳوٺ مانڊڻ کان ٺري شھر ۽ سامھون ايندڙ ٻي موٽرسائيڪل جا زخمي ٺري شھر کان ڳوٺ مانڊڻ اچي رھيا ھئا ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿيا.