ٺري ميرواھ (ن پ ا ) ٺري ميرواھ ۾ عدالتي حڪم تي سيڪريٽري ريهبليٽيشن محمد علي کوسو اي ڊي سي ٽو خيرپور ظفرعباس عباسي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواھ عبدالباسط هڪڙو جي نگراني ۾ ٺري ميرواھ ڊگري ڪاليج ۾ ٽيون ڀيرو کلي ڪچهري ٿي گذري جنهن ۾ مختلف کاتن جي تعلقي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي کلي ڪچهري ۾ ماڻھن پاران ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واهر نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳوٺ باقر شر واسي عابد شر شڪايت ڪندي چيو ته ڳوٺ باقر شر جو اسڪول اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي پر اسان جي ڳوٺ مان به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. جڏھن ڳوٺ ڍيڍاڻو واسي شير محمد دستي دانهيندي چيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت دانهيو،  ڳوٺ نواب الدين شر واسي عظيم شر چيو ته برسات دوران ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت ڊھڻ ڪري پئي آهي ٻارڙا اس ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن. تعلقي ميرواھ جي مختلف علائقن صبڙ رند  ڳوٺ مانڊڻ ،ڳوٺ ميهر ويسر ،ڳوٺ تارڪو ،ڳوٺ عبدالستار شر ، فقير آباد ،بوزدار وڏا جي برسات متاثرين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ هيئنر تائين واهر نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون ويون. جڏھن ته سيڪريٽري ريهبليٽيشن محمد علي کوسو پاران موقعي تي  کلي ڪچهري ۾ موجود لاڳاپايل عملدارن کي ماڻھن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ ۽ پاڻي نيڪالي لاءِ هنگامي بنيادن تي مشينري لڳائڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون.