ٺري ميرواھ(ن پ ا) ٺري ميرواھ جي سينيئر صحافي اي ڊي عرف الھڏنو شر جو ٺري ميرواھ ڀرسان ڳوٺ علي آباد رئيسن جي لانڍي واري علائقي مان بيدردي سان ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪيل لاش ھٿ آيو آھي. اھڙي اطلاع تي پوليس پھچي وارثن سان گڏجي لاش تعلقا اسپتال پوسٽ مارٽم لاء لاش کڻائي آئي. ميرواھ پوليس جو چوڻ آھي ته ابتدائي جاچ موجب ڪھاڙيون يا ڪنھن تيز ڌار آلي سان کيس قتل ڪري لاش ڦٽوڪيو ويو آهي. ھن وقت سندس دوست نياز دستي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس جو چوڻ آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ جاري آھي.