ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواھ ۾ بدامني خلاف ھاءِ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري سکر روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، ان موقعي تي الھوڌايو شر، جاويد احمد جوڳي، نور محمد شر، آصف اعواڻ، مظفر جوڳي، ذوالفقار شر ۽ ٻين چيو ته ٺري ميرواهه پوليس جي نااھلي سبب شھر ۾ بدامني ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ڦر ۽ ٽرانسفارمر چورين جي وارداتن سان گڏ موٽرسائيڪل چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن، ھنن چيو ته گذريل رات استاد منظور مانڊڻ جي ٺري شھر مان موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، ان کان اڳ ڪيترن ئي شهرين جو موٽرسائيڪلون چوري ٿيون آهن جن کي پوليس واپس ناهي ڪرائي سگهي، ھنن چيو ته ٺري ميرواهه ۾ بدامني سبب شهري سخت پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سمورن استادن جون موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو گسٽا پاران ڌرڻو ھنيو ويندو، بعد ۾ ميرواھ پوليس مظاھرين وٽ پھچي چوري ٿيل گاڏيون واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.