ٺري ميرواهه (ن پ ا) گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۾ انٽروالي بال ٽورنامينٽ جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواھ سليم حسن گڏاڻي چيف ھيڊماسٽر فيض علي جسڪاڻي ھيڊماسٽر انصار علي ٻانڀڻ پاران افتتاح ڪيو ويو، ٽورنامينٽ ۾ تعلقي جي 17 اسڪولن جون والي بال ٽيمون حصو وٺنديون، ٽورنامينٽ ٻن ڏينھن تائين جاري رھندي، جڏھن ته تقريب کي خطاب ڪندي اي سي ميرواھ چيو ته راندين ۾ حصو وٺڻ سان شاگردن جي فيصلو ڪرڻ جي سگھه ڌيان ۽ توجهه بهتر ٿئي ٿي، راندين ۾ حصو وٺڻ سان شاگردن ۾ خوداعتمادي وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو رکڻ سکن ٿا ۽ نئين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا، ھن چيو ته 2022 جي برساتي ٻوڏ بعد  پھريون ڀيرو تعلقي ليول تي ٽورنامينٽ ڪرائي وئي آھي ان موقعي تي ٽي اي او سيڪنڊري شمس الدين لغاري چيف ھيڊماسٽر فيض علي جسڪاڻي انصار ٻانڀڻ سميت تعليم کاتي جي عملدارن ۽ مختلف اسڪولن جي ھيڊماسٽرن پڻ خطاب ڪيو.