ٺري ميرواهه (رپورٽ: عابد شر) ٺري ميرواھ جي گورنمينٽ مين گرلس پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻين ۾ تڪرار بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جنهن بعد اسڪول جي ھيڊمسٽريس رخسانا لقمان سومرو، فھميدهه شر، غزالا دستي اسڪولي شاگردن سان گڏجي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ھنن دانھيندي الزام ھنيو ته اسڪول جي ماسترياڻي قزبانو شر بنا جواز اسان سان جھيڙو ڪري رهي آهي، جنھن سبب ٻارن جي پڙھائي متاثر ٿي رھي آھي، ھنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل ماسترياڻين جي وارثن جو ميرواھ ٿاڻي آڏو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ سروٽا لڳڻ ڪري صحافي بشير شر، شوڪت شر، علي مراد، غلام رسول شر سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ شھرين وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين کي ڇڏائي ورتو، زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.