ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ کبڙ خان جوڳي ۾ ٽن ڀائر گھوٽن محمد سچل جوڳي، باريز نبي جوڳي ۽ سرمد جوڳي جي شادي تقريب  ۾ نڪاح بعد گھوٽن طرفان ڄاڃين سميت تڪراري ڪئنالن واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي گهوٽن ۽ ڄاڃين ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو درياءَ تي قبضو نامنظور جا نعرا ھنيا، ھنن چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آھي، جيڪو ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي عوام کي قبول ناھي، اھڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.