ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه جي ڳوٺ شاھ محمد لغاري ۾ پ پ اميدوار ساجد ٻانڀڻ جو گهيراءُ، نوجوانن پاران سخت پڇاڻو، تفصيل موجب صوبائي تڪ پي ايس 28 جو پ پ اميدوار ساجد ٻانڀڻ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺ شاهه محمد لغاري پهتو ته اتي موجود نوجوانن سندس گهراءُ ڪري ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ ٻوڏ ۾ واهر نه ڪرڻ بابت سوال اٿاريا، جنهن دوران ساجد ٻانڀڻ جي حامين نوجوانن کي ميڙاڪي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ نوجوان چئي رهيا آھن ته ساجد ٻانڀڻ پنجن سالن ۾ ڪو ڪم ناهي ڪيو، ڳوٺ جا ڀڳل روڊ به تعمير نه ٿي سگهيا آھن، هي لٽيرا وري اسان مٿان مسلط ٿيڻ آيا آهن، هنن جا واٺا وڙھڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، نوجوانن چيو ته سوال پڇڻ اسان جو حق آھي، جواب ڏيڻ بدران اسان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ ڪٿان جو انصاف آهي، اسان اسلام آباد ۾ پڙھندا آھيون، سڀ سمجهون ٿا، اهڙي طريقي سان ووٽ نٿا وٺي سگهجن، ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ به پ پ اميدوار ساجد ٻانڀڻ کان ڳوٺ خدابخش سومرو ۽ ٽالپر ننڍا ۾ ڳوٺاڻن پاران سخت پڇاڻو ڪرڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.