ٺري ميرواهه (ن پ ا) مختيارڪار ٺري ميرواھ تنوير احمد ڪلوڙ پاران پوليس عملو ساڻ ڪري سوئي گئس شھر ۾ بااثر واپارين جي گودام تي ڇاپو هڻي 1350 ڀاڻ ٻوريون هٿ ڪري گودام سيل ڪري ورتو ان سلسلي ۾ مختيارڪار ميرواھ جو چوڻ آھي ته تعلقي ۾ بااثر واپاري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آھن سيل ڪيل گودام ۾ پيل ڀاڻ سرڪاري اگھه تي آبادگارن ۾ وڪرو ڪيو ويندو.