ٺري ميرواهه/ھنڱورجا (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ جاچ پوليس ھنگورجا ڀرسان ڳوٺ حسين بخش مري واسي مال چاريندڙ ٻارڙي ستار مري کان  ٻڪر ڦري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن پيڇو ڪري پوليس جي مدد سان  پوليس اهلڪارن کي هٿيڪو ڪري ورتو، جڏھن سوئي گئس پوليس چار  اهلڪارن ھڪ انسپيڪٽر  کي پرائيوٽ ويگن ۽ ٻڪر سميت ميرواھ ٿاڻي تي وٺي آئي حراست ۾  اهلڪارن کي الڳ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو آھي ھوڏانھن  ھنگورجا جي رھواسي متاثرين لياقت علي ڪراڙو مري، اسدالله مري جي اڳواڻي ۾ ٺري ميرواھ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته پوليس اهلڪارن هٿيارن جي زور تي ٻڪر ڦريو، هن وقت ميرواھ پوليس پٽي ڀائين کي بچائي رهي آھي، اسان جو ٻڪر به هن وقت ٿاڻي تي آھي، ھنن چيو ته ڦورو پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ھوڏانھن آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.