ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي خيابان راحت مان ٺري ميرواهه واسي ٺيڪيدار علي خان شر مبينا طور اغوا ٿي ويو، ٺيڪيدار علي خان شر جي پٽ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته 3 مئي تي منهنجي والد کي پوليس وردي ۽ خانگي ڪپڙا پاتل ماڻهو پاڻ سان زبردستي وٺي ويا. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني آهي.