ٺري ميرواهه (رپورٽ: عابد شر) ٺري ميرواهه واسي نينگري سان 4 جوابدارن جي اغوا بعد مبينا زيادتي، جوابدار کيس ڦٽو ڪري فرار، پوليس کي نينگري بيهوشي حالت ۾ هٿ، والد ٿاڻي تي پهچي ويو، پوليس اڃا ڪيس داخل نه ڪيو، خبر موجب شھر جي ميرس ڪالوني واسي غلام نبي دستي پنهنجي 12 ورهين جي نياڻي ڪرن عرف دعا دستي کي ساڻ ڪري ٺري ميرواهه ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ٻڌايو ته سندس نياڻي کي گهر ٻاهران گهٽي مان 3 ڏينهن اڳ جوابدار اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويا، جيڪا ڪالهه راڻيپور پوليس کي بيهوشي واري حالت ۾ ملي آهي، جنهن اسان حوالي ڪئي، هن ٻڌايو ته نياڻي کيس ٻڌايو آھي ته مجيد ٻانڀڻ سميت 4 جوابدارن اغوا ڪري ٽن ڏينهن تائين نشو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آھي ته ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي، حتمي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.