ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواھ ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي نشي آور گوريون کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شھر جي لاشاري محلي واسي 18 ورھين جي نوجوان شاھنواز سمور بيروزگاري کان تنگ اچي پنھنجي گھر اندر نشي آور گوريون کاڌيون جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقا اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. وارثن موجب بيروزگاري سبب نوجوان ڪافي ڏينھن کان پريشان هو ڪالهه انتهائي قدم کڻي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.