ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نديم ٻانڀڻ کي 5 سال قيد ۽ 50 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 3 مھينا قيد ڪاٽيندو، عدالت جي اھڙي فيصلي بعد پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.