ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٺري ميرواهه جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ميرواهه ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ جوابدار منصور عرف مکڻ مانڊڻ کي منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو، عدالت جي اھڙي فيصلي بعد پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو.