ٺري ميرواهه (رپورٽ: عابد شر) ٺري ميرواهه ڀرسان شادي ڪاڄ ۾ خوشي وچان فائرنگ دوران پنهنجي ئي پسٽل جي گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، خبر موجب ڳوٺ سپاھي منگي ۾ شادي ڪاڄ ۾ خوشي ۾ ھوائي فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 18 ورھين جو نوجوان عادل پٽ امتياز منگي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ تعلقا اسپتال ٺري ميرواهه آندو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب واقعو اتفاقي آھي، پنھنجي ئي پسٽل مان گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، ھوڏانھن نوجوان جي مارجڻ بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.