ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ پبلڪ هيلٿ پاران ڪانن جون پترون وجهي گٽر نالن جون پليون تعمير ڪرڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۾ هلڻ واري معاملي جو ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ نوٽيس ورتو، جنهن بعد رضوان ڦل ۽ انجنيئر رفيق ڪلهوڙو ڄاڻايل هنڌ پهچي پترن سان ٺهيل پليون ڊھرائي ڇڏيون، مختيارڪار هائوس لڳ پبلڪ هيلٿ پاران ٻوڏ بحالي پروگرام تحت شھر ۾ پيور بلاڪ نالا ۽ ڪراس تعمير ڪرڻ واري ڪم ۾ ڪانن جي پترن سان جڳاڙ ڪري گٽر نالا تعمير ڪرڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۾ هلي هئي، عملدارن انجنيئرنگ اصولن مطابق پل تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عملدارن چيو ته خبر شايع ٿيڻ بعد انتظامي نااهلي واري معاملي جي خبر پئي، غلط طريقي سان ڪانا وجهي پليون ٺاهيون پئي وين، اهڙيون پليون ڀڃي نئين سر تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.