لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ سندس پٽ وليد خان عباسي سميت 8 ڄڻن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وارو معاملو، ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ عورت سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪه ناياب سرڪش سنڌي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ طارق انور سيال وٽ پاڪ ڪتاب ميڙ کڻي وڃڻ بعد جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي وٽ ڪوٽ داراب خان عباسي تي ميڙ کڻي آهي، جتي ناياب سرڪش سنڌي معظم علي عباسي کي مخطاب ٿيندي چيو ته الله سائين توهان کي سدائين خوش رکندو ۽ توهان کي ايتري همٿ ڏيندو جو توهان هنن غريبن ۽ مسڪينن جا مسئلا حل ڪندا، بس مون کي ڏسو، مان انهن کان اهي ڳالهيون ختم ٿي ڪرايان، بس هنن ڳالهه ختم ڪئي آهي باقي جيڪو فيصلو 20 تاريخ تي رکيل آهي اهو انهن جو فيصلو آهي، هاڻي انهن ڳالهين ختم ڪري ڇڏيون آهن، مان توهان جي پيرين ٿي پوان، مان ائين بس نه ڪري ويهنديسن ۽ نه ٿي چاهيان ته ڪنهن جي ٻچن کي تڪليف پهچي، هاڻي بس ڪري هن مسئلي کي ختم ڪيو. هاڻي اهي مسئلا نه رکو ته ڳالهيون ٿين، وڌيڪ هن ڳالهه کي نه اينگهايو. مون کي انهن چيو ته اسان هر شيءَ ختم ڪئي سي، جيڪڏهن انهن سردار خان چانڊيو وٽ ڳالهين جو چيو آهي ته مان ٻيهر انهن سان ملاقات ڪنديس. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي چيو ته منهنجو پهرين ڏينهن کان اِهو ئي موقف هو ته اڄ به موقف آهي ته ڳالهيون ٿين، هن مسئلي تي دوستن ۽ چڱن ڳالهايو، پهرين ڏينهن تي مان چيو ته ڳالهيون ٿين جيڪڏهن ڳالهين ۾ جيڪا منهنجي مٿان پوي مان هر شيءَ ۾ نڀايان. هن چيو ته جيڪو به انهن ڏي وڃي ٿو ته چون ٿا ته هو مڃي ٿو، پهرين ڳالهه ته مان گاڏي مڃي آهي ۽ پهرين ڏينهن کان چوان ٿو ته گاڏي منهنجي آهي پر جنهن واقعي جي باري ۾ چون ٿا ته حملو آهي جيڪڏهن اوطاق تي يا روڊ تي فائرنگ ٿي آهي ان حملي کي ڪليئر ڪيو، لاڙڪاڻي شهر ۾ شادين ۽ ٻين موقعن تي روز ماڻهون نڪرن ٿا ۽ هوائي فائر ٿين ٿا، هاڻي ان جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري ان ۾ منهنجو نالو ۽ منهنجي پٽ جو نالو شامل ڪيو ٿو وڃي، مون کي ٻي ڪا شيءَ ڪونهي هاڻي به مان چوان ٿو ته ڳالهيون ڀلي ٿين. هن چيو ته 20 تاريخ تي چانڊيا ڏاهاڻين جو فيصلو آهي جيڪڏهن هو ڇڏين ٿا ته ڇڏڻ بلڪل صحيح آهي، 6 ڏينهن تائين پوليس پيش ٿيل مگسي کي ٽارچر ڪيو ته هو منهنجي پٽ مٿان بيهي ته هو ساڻس گڏ آهي، سڀ شيءَ ڪري هاڻي آخر ۾ چون ٿا ته اسان هر شيءَ ڇڏي ڏني سي، مون کي دل ۾ ڪا شيءَ به ناهي، مان پاڻ وزندار ماڻهون آهيان ۽ منهنجو سڄو ڏينهن ڪم آهي ته ماڻهن جو خير ڪرايان، مان ان ڪري پهرين ڏينهن کان چوان پيو ته ڳالهيون ٿين، 100 سال يا 20 سال گذرندا ته منهنجو اِهو ئي موقف هوندو ته ڳالهيون ٿين، ان ۾ جيڪا شيءَ منهنجي مٿان ٿئي مان ڏئي اٿان ان جي بغير مان نه اٿندس، مان ٽن چڱن جا نالا به ڏنا. هن چيو ته توهان جو رات نپايو مليو ۽ مان ٻاهر هيس ۽ رات 10 هين پهتس ته مان ڪيئن توهان کي تڪليف ڏئي رابطو ڪيان. ڳالهيون رکيل آهن ان ۾ جيڪا به شيءَ بيهي ان جي باوجود اڃان به اسان سان زيادتي آهي ته پوءِ ان شيءَ جي به وضاحت ٿيڻ گهرجي ته غلطي ڪيتري هئي ۽ ان جي سزا ڪيتري ملي؟ منهنجي پٽ جي ڪردار ڪشي سڄي دنيا ۾ ڪئي وئي، ڪو ٻڌائي ته منهنجي اولاد ڪنهن کي ڳالهائي ڏند چڪ ڏنو ته ان جي طرفان اهڙي ڪا حرڪت ٿي آهي جنهن جو مان ذميوار آهيان، پهرين ڏينهن کين خبر هئي ته وليد گاڏي ۾ ناهي پر ان جي باوجود ايف آءِ آر ۾ منهنجي پٽ جو نالو ڏئي 6 ڏينهن مگسي کي ٽارچر ڪندي دٻاءُ وڌو ويو ته هو باسي ته وليد به ساڻس گڏ هو. هن چيو ته سردار خان چانڊيو ۽ مولانا راشد محمود سومرو ويا انهن کي جيڪا به موٽ ڏني اها انهن کي خبر آهي، توهان کي به قرآن تي موٽ ڏني آهي، توهان لاءِ مون کي عزت آهي، قرآن اسان کي اکين تي آهي، اسان جو موقف اڄ به اِهو آهي ته بخشن نه، ڳالهيون ٿين، ڳالهين ۾ بيهي منهنجي شيءَ ته مون کي ڏين جيڪڏهن پنهنجي زيادتي بيهن ته مون کي نڀائن، بخشڻ ڇا جي، جڏهن مان چوان ٿو ته جيڪو قصور آهي ان جي سزا ملي ۽ جيڪو قصور نه هجي ته ان جي سزا ڇو ملي؟ توهان نياڻي آهيون ۽ توهان کي منهنجي طبيعت جي خبر آهي، منهنجي طرف کان ڪو مسئلو ناهي ۽ نه ئي مان مسئلو ٺاهيو آهي. هن چيو ته توهان ويا آهيو ۽ انهن توهان کي ها ڪيون اٿن، اڳ ۾ چون پيا ته بخشيو اٿن پوءِ چيو ته ڀلي نواب ڳالهيون ڪري، مان پهريان به ڳالهين ۽ هاڻي به ڳالهين جي ڳالهه ڪئي آهي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ناياب سرڪش سنڌي ٻڌايو ته معظم علي عباسي مون کي مان ڏيندي ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي، تمام جلد ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي.