ٺاروشاهه (رپورٽر) ٺارو شاهه ۾ لاش دفنائڻ تان ڇڪتاڻ، بااثرن ڪانڌين کي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو
ٺارو شاهه ڀرسان ٻارڙيءَ جو لاش دفنائڻ تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، بااثرن ڪانڌين کي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو
ڪانڌي ٻارڙيءَ جو لاش روڊ تي رکي ويهي رهيا، بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڳوٺ ڇٽو ڪلھوڙو ۾ ھڪ سال جي ٻارڙي اقصيٰ فوت، وارث دفنائڻ لاءِ مڙهه کڻي قبرستان پهتا، بااثرن پهچي مڙهه دفنائڻ نه ڏنو، ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي ڪانڌين کي واپس ڪيو ويو
ٻارڙيءَ جي والد چيو ته بااثرن چيو ته ھي قبرستان اسان جو آھي،لاش دفنائڻ نه ڏينداسين، ڳوٺاڻن طرفان بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ٻارڙيءَ جو لاش دفنائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي