نوشهروفيروز/ٺاروشاهه (نمائندن وٽان) ٺارو شاهه ويجهو سارين جي ديري تي ستل هاري مبينا گهٽا ڏئي قتل، وڻ مان ٽنگيل لاش هٿ، وارثن جو مخالف وڏيري تي قتل جو الزام، لاش رکي ڌرڻا، خبر موجب ڳوٺ مولھڻ ۾ ٻن وڏيرن جي زرعي زمين جي مالڪي تان ھلندڙ تڪرار تان نامعلوم ماڻهن مبينا طور سارين جي ديري تي ستل ھاري کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو، اطلاع تي ٺاروشاهه پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي پورهيت جو لاش تحويل ۾ وٺي لوڊر رڪشا تي کڻائي اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول جي وارثن نوشھرو فيروز ۾ پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻا هنيا، ان موقعي تي ارباب جسڪاڻي، لال خاتون جسڪاڻي، ماجد جسڪاڻي، حاجي خان جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان وڏيري فرحان سھتو جا ھاري آھيون، رات سارين جي ديري تي ستل ھاري خادم جسڪاڻي کـي نامعلوم ماڻھن گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو، ھنن چيو ته ڳوٺ جي ٻن وڏيرن فـرحان سھتو ۽ عديل سھتو جو زرعي زمين جي مالڪي تان پاڻ ۾ تڪرار ھلندڙ آھي، خادم سارين جي ديري تي سمھندو ھو ته وڏيري عديل سھتو جا ماڻھو ھڪ ڏينھن اڳ ديري تي نه سمھڻ جو چئي ويا، ڪالهه کيس گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.