ٺاروشاهه (رپورٽر) ٺارو شاهه ڀرسان جوائننگ بعد ليڊي ٽيچر اسڪول مان مسلسل غير حاضر هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ليڊي ٽيچر سحر ميمڻ جي غير حاضري بابت مانيٽرنگ آفيسر ۽ هيڊ ماستر پاران لکيل ليٽر ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتو
اسڪول جي هيڊ ماستر پاران ليڊي ٽيچر سحر ميمڻ ۽ تعليم کاتي جي اختيارين تي ڌمڪائڻ جو الزام هنيو ويو
هيڊ ماسترموجب ليڊي ٽيچر مڃٺ جي لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾2022ع ۾ جوائننگ ڪئي، مسلسل غير حاضر آهي، ليڊي ٽيچرتعليم کاتي جِي آفيسر تبسم ميمڻ جي مائٽياڻي سڏائي ڌمڪائي ٿي
ڊي اي او نوشھروفيروز ۽ ٽي اي او ڪنڊيارو حاضري رجسٽر تي صحيون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو،اعليَ اختيارين انڪار ڪرڻ تي مسٽرول زبردستي ڦري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي