ٺارو شاهه(ن پ ا) ٺاروشاهه جي رحمان ڪالوني واسـي پيرسن عورت جميلا چنا ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته سندس نياڻي رحمت چنا بيماري سبب 3 مھينن کان بستري تي پيل آھي، گھر  جو الھه تلھه کپائي ڇڏيو آهي، هن وقت ڪجھه به ناھي بچيو، هن چيو ته   مڙس اھڙي حالت ۾ گهر ڇڏي گم ٿي ويو آھي، ھن پنھنجي مڙس غلام رسول چنا کي پاڪ ڪتاب کڻي ميار ڏيندي چيو ته عيد ويجهو آھي، ايئن ٻچڙن کي ڇڏي گم ناھي ٿي وڃبو، هن چيو ته پني گذارو ڪنداسين پر ٻچن کي ڇڏي نٿو سگهجي، ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نياڻي جو علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، جيئن ٻچڙا عيد ڪري سگھن، هوڏانهن شهر جي سماجي اڳواڻن ڪالهه عورت وٽ پهچي عيد جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڏنو، جنهن تي سندن شڪريو ادا ڪيو.