ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه باءِ پاس ڀرسان آشي چوڪ تي روڊ ڪناري تان گذرندڙ ٽن سالن جي معصوم نينگري حور ظھران ولد ريحان قريشي مٿان ٽرڪ چڙھي وئي، معصوم نينگري چيڀاٽجي فوت ٿي وئي نينگري جي وارثن ۽ مڇريل ماڻھن ٽرڪ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، ٽرڪ کي باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏھن ته ٽرڪ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏھن ته معصوم نينگري جو مڙھ گهر پهچڻ تي سندس امڙ روئي روئي بيحال ٿي وئي، علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.