ٺاروشاهه (ن پ ا) پ پ سٽي صدر ۽ مختلف وارڊن تان چونڊيل ڪائونسلرن ممتاز ڪلهوڙو، ستار ابڙو، رانا وقار، نعمان کوکر، فيصل اللطيف ڀٽي ۽ ٻين هتي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته پي ايس 34 تان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي مراد علي شاهه ۽ سندس پٽ حسن علي شاھ پارٽي اڳواڻن ۽ عهديدارن کي ڀت سان لڳائي برسات متاثرن لاءِ آيل فنڊ، راشن، ٽينٽون ۽ ترپال پنهنجي ماڻھن کي ڏئي پارٽي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ ۾ رڌل آھي، هنن چيو ته ايم پي اي پارٽي جي عهديدارن ۽ ووٽرن کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته ايم پي اي پنهجين زمينن جو پاڻي ڪڍرائي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن کي ٻوڙائي ڇڏيو آھي، جنهن سبب هزارين گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، هنن معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،