ٺاروشاهه(ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ الله ورايو ڏاھري ۾ ڀيڻ سان ملڻ تي ڀيڻيوي پاران مبينا طور سالي صائما ڏاهري کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري گھٽي ۾ گھمائڻ جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد ايس ايس پي سنگھار ملڪ نوٽيس ورتو، جنهن بعد متاثر عورت جي فرياد تي سندس  ڀيڻيوئي گلشير ڏاھري، عاشق ڏاھري ۽ بابر ڏاھري سميت 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندن ڳوٺ تي ڇاپو هنيو پر هو هٿ اچي نه سگهيا، متاثر عورت صائما ڏاھري ٿاڻي تي ڳالهائيندي چيو ته مان ٿورائتي آھيان ٽائيم نيوز جي سٿ جي جن منھنجي مدد ڪري خبرون ھلايون.