ٺاروشاهه (رپورٽ: غلام شبير اڄڻ) ٺاروشاهه ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مبينا مقابلو، فائرنگ ۾ سب انسپيڪٽر سميت 3 اهلڪار زخمي، جوابدارن جي 20 کان وڌيڪ گھرن کي باھيون، متاثرن جو پوليس چڙهائي خلاف احتجاج، وڏيري جي ونگار وھڻ جو الزام، خبر موجب ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جوابدارن جي موجودگي واري اطلاع تي چڙهائي ڪئي ته هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب سب انسپيڪٽر غفور نائچ، اھلڪار غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو ۽ شاھد سيال زخمي ٿي پيا، جن کي ٺاروشاهه اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏھن تـ ھڪ اھلڪار غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ  اسپتال نيو ويو، پوليس موجب محراب پور مان محمد صديق جٽ کان ٽريڪٽر ڦر ٿيو ھو، ڏوھارين منٺار ڀرٽ، دلدار ڀرٽ، لکمير، حميد ڀرٽ جي جي موجودگي واري اطلاع تي چڙھائي ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، ڏوھاري فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا، پوليس ڏوھارين جي 20 گھرن کي باھيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻن پوليس چڙھائي ۽ گھرن کي باهه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي منٺار ڀرٽ، دلدار ڀرٽ، حميد ۽ لکمير ڀرٽ چيو ته اسان جو زمين جي مالڪي تان تر جي وڏيري امام علي ڀرٽ سان جھيڙو ھلندڙ آھي، ايس ايس پي نوشھروفيروز وڏيري جي ونگار وھندي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پوليس ڇڙھائي ڪرائي، اسان جا نوجوان گلبھار، غمٺار ۽ حاجي ڀرٽ کي پوليس کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته پوليس سان ڪو به مقابلو ناهي ٿيو، پوليس پنھنجن اھلڪارن مٿان پاڻ فائرنگ ڪري ڊرامو ڪيو آهي، ھنن چيو تـ  اسان کي خدشو آھي ته پوليس گرفتار نوجوانن کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندي، ھنن معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪئي، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل امام علي ڀرٽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڏوھارين خلاف ڪيل ڪارروائي سان منھنجو ڪو به تعلق ناھي، ڀرٽ برادري جا ماڻھو منھنجي ساک متاثر ڪرڻ لاءِ ميڊيا ٽرائل ڪري رھيا آھن، ڏوھارين سبب اسان ڪچي ۾ زمينن تي نٿا وڃي سگھون، ڏوھارين سبب علائقو نوگوايريا بڻجي ويو آھي.