ٺاروشاهه (رپورٽ: شبير اڄڻ) ٺاروشاهه ڀرسان گھر جي پلاٽ مالڪي تان جهيڙو، لوھي سريا مٿي ۾ لڳڻ سبب نوجوان ناري قتل، سندن ڀاءُ زخمي، ھڪ ڄڻو گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب مڃٺ ۾ گھر جي پلاٽ جي مالڪي تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جي ماڻهن 17 سالا ناري حنا ملاح کي مٿي ۾ لوھي سريا ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تـ سندس ڀاءُ جواد ملاح سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي مڃٺ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ناري جو لاش مڃٺ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، مقتولا ناري جي پيءُ محمـد عيسيٰ ملاح ٻڌايو تـ گھر جي پلاٽ جي مالڪي تان اسان جا عزيز نصير ملاح ۽ حاجي ملاح لوھي سريا ۽ لٺيون کڻي گھر ۾ گھڙي پيا ۽ گھر ڀاتين تي وسڪارو لائي ڏنو، جنهن ۾ نياڻي قتل ٿي وئي، ھن چيو تـ ظالمن ظلم ڪيو آھي، پوليس کين گرفتار ڪري انصاف ڏياري، پوليس ٻڌايو تـ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙي ۾ ناري مارجي وئي آهي، ھڪ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ناري جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.