ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀـرسان ڳوٺ گڻنگ مقام واسي 12 سالا نينگري سيدهه افسانا کي مامن پـاران زبردستي گونگي نوجوان سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نينگري گونگي نوجوان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي مامن کيس مبينا تشدد جو نشاو بڻايو، نينگري وجھه وٺي گھران نڪري ڏاڏي، پفي، پيءُ ۽ ڀاءُ وٽ پهتي، ان موقعي تي نينگري ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان پنھنجي مامن جي گھر رھندي آھيان ۽ ماما منھنجي مرضي خلاف نشو واپرائيندڙ برادري جي گونگي نوجوان سان زبردستي شادي ڪرائي رهيا هئا، انڪار تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، نينگري ۽ وارثن مطالبو ڪيو ته بااثر مامن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.