ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ سخي داد واھي ۾ گھر جي ملڪيت لکي نـ ڏيڻ تان نافرمان پٽن لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي پيرسن پيءُ جلال ٻاٽ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ٺاروشاھ منتقل ڪيو ويو، زخمي پيرسن جلال ٻاٽ ٻڌايو تـ سندس 2 نافرمان پٽ فھيم ٻاٽ ۽ عالم ٻاٽ گھر لکي نه ڏيڻ تان ڌمڪيون ڏيندا ھئا، ڪالهه گھر ۾ ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري رتورت ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آھي، ھن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.