ٺاروشاھ (رپورٽ: غلام شبير اڄڻ) ٺارو شاهه ويجهو قبرستان ۾ ٻارڙيءَ جو لاش دفنائڻ تان ڇڪتاڻ، جوابدارن ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي ڪانڌين کي قبرستان مان ڪڍي ڇڏيو، ڪانڌي ٻارڙيءَ جو لاش روڊ تي رکي ويهي رهيا، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڇٽو ڪلھوڙو ۾ معصوم ھڪ سالا ٻارڙي کي قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو ويو، پورهيت عبدالغفار ڪلھوڙو موجب ته منھنجي معصوم ڌيءُ اقصي’ بيماري سبب گذاري وئي، سندس مڙھ عارف شاهه قبرسات ۾ دفنائڻ لاءِ پھتاسين ته پنھنجي ئي برادريءَ جي بااثرن لاش دفنائڻ نه ڏنو، بااثرن اسان کي چيو ته قبرستان اسان جو آھي جنهن بعد لٺيون ۽ سروٽا ھڻي اسانکي قبرستان مان ٻاھر ڪڍيو ويو، ٻي طرف ڳوٺاڻن غلام حيدرعبدالغفار، صادق، صفدر، فتاح امين ۽ پنھل پاران ٻارڙي جو لاش کڻي احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويندو، هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خبرون نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي نوشھرو فيروز عابد علي بلوچ نوٽيس ورتو، ايس ايس او ۽ مختيار ڪار ڀريا صديق پوليس ساڻ ڪري ڳوٺ ڇٽل ڪلھوڙو پھتا، پوليس ۽ بااثرن وچ ڳالھيون ٿيون بااثر پاران لاش قبرستان ۾ دفنائڻ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، بااثرن موجب ته قبرستان واري زمين اسان ليز تي کنئي آھي زمين اسانجي آھي، 5 ڪلاڪن بعد ٻارڙي جو لاش قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.