ٺاروشاهه، ڪلهوڙن جي دؤر ۾…

0
56
ٺاروشاهه، ڪلهوڙن جي دؤر ۾...

 ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ساهتي پرڳڻي کي وڏي اهميت حاصل رهي. ان جو انداز پرڳڻي جي مکيه شهرن جي آبادي سان لڳائي سگهجي ٿو. ڪلهوڙن جي حڪومتي عرصي دؤران نوشهرو فيروز، دولتپور، شاهپور جهانيان، پڊعيدن جا شهر ٻڌرايا ويا. انهن مرڪزي شهرن ۾ ٺاروشاهه به شامل هو، جيڪو پڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ آباد ٿيل ملي ٿو.

                 ساهتي پرڳڻي جي تاريخ تي تمام گهڻو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر حامد خانائيءَ، ٺاروشاهه لاءِ لکيو آهي ته اهو ٽالپرن/ ميرن جي دؤر ۾ ٻڌرايو ويو؛ شهر جي بنياد جي تاريخ 1792ع لکي ٿو. يعني 1783ع ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي هالاڻيءَ ۾ لڳل فيصلائتي جنگ کان پوءِ ترت ئي ڪلهوڙن شهر کي آباد ڪيو.

                 ٻئي پاسي شهر جي تاريخ تي دستاويز رقم ڪندڙ علي رضا قاضي آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ‘ٺاروشاهه 9 ڪلوميٽر’ ۾ ٺاروشاهه کي ڀرائيءَ جي دڙي سان لاڳاپيل ڏيکاري، هن شهر کي عربن کان به اڳي جو ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ساهتي پرڳڻي جي هن مرڪزي شهر بابت منهنجي راءِ آهي ته ٺاروشاهه شهر ڪلهوڙن جي پوئين دؤر 1780ع ۾ قائم ڪيو ويو. هي اهو ئي وقت هو، جڏهن هن شهر ڀرسان نؤلکي واهه وهندڙ هو. هي اهو ئي واهه هو، جنهن جي ذريعي وڏي پيماني تي ڪاروبار هلندو هو.

ٺاروشاهه جي قائم ٿيڻ جي پويان ڪجهه تاريخي ۽ جاگرافيائي سبب پڻ آهن، جيئن: نوشهري فيروز کان ڪنڊياري تائين شاهي رستي تي- جيڪو اٽڪل 15 ميل تائين آهي- وچ ۾ ڪابه وڏي انساني آبادي موجود نه هئي. ان ڪري وقت جي حڪمرانن کي ڪنڊياري کان نوشهري فيروز جي وچ ۾ هڪ اسٽيشن جي ضرورت پيش آئي.

ٺاروشاهه جي قيام بابت ٻيو اهم سبب موجوده ڀريا شهر کان اڀرندي پاسي پراڻي ڀڏي جي مٿان بهراوڙ نالي هڪ قلعو عربن جي وقت ۾ موجود هو، جنهن جي اهميت فوجي منصوبا بنديءَ لحاظ کان نهايت گهڻي هئي.

تاريخ ۾ راوڙ ۽ بهراوڙ جي قلعن بابت اهو مغالطو رهيو آهي ته اهي ساڳي قلعي جا ٻه نالا آهن، پر ائين ناهي؛ راوڙ جو قلعو موجوده ٻانڌي شهر جي ڀرسان محفوظه واري علائقي ۾ هو. بهراوڙ جو قلعو، جنهن جي نالي تي اڳئي لکي آيا آهيون ته اهو فوجي يا جنگي حڪمت عملين جي لحاظ کان نهايت اهم هو، سو سال 1080ع ۾ جڏهن سنڌوءَ پنهنجو رخ تبديل ڪيو ته اهو قلعو، سنڌو درياه جي ساڄي کان کاٻي ڪناري تي ٿي ويو؛ نه صرف کاٻي ڪناري تي پر موجوده دؤر ۾ ته اهو مفاصلو 15 ميلن کان به مٿي ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت درياه جي پوزيشن تڳر پتڻ تي آهي.

فوجي نقل حمل کي نظر ۾ رکندي حڪومتن کي ۽ ساڳي ريت ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ هڪ گذرگاه جي ضرورت هئي، جنهن جي ڪري به ساهتيءَ جي هن تاريخي شهر ٺاروشاهه جو وجود عمل ۾ آيو. اها پڻ تاريخي حقيقت آهي ته درياه جي ڪناري ڀرسان هجڻ ڪري ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ به هڪ شهر گهربل هو، جيڪو ٺاروشاهه جي شڪل ۾ انهن کي ملي ويو.

جنگي حوالي سان هن علائقي جي حيثيت هيءَ آهي جو جڏهن 1739ع ۾ ايران جي بادشاهه نادر شاهه افشار سنڌ تي چڙهائي ڪئي ته هو بولان لڪ کان شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کان ٿيندي سڌو تڳر پتڻ تي آيو، جيڪو ڪراس ڪري محمد آباد موجوده ميان جا قبا تي چڙهائي ڪئي ۽ وڏي تباهي مچايائين، تڏهن جو ڪلهوڙو حاڪم ميان نور محمد ٿر ڀڄي ويو. تنهن دؤر ۾ به ٺاروشاهه جي جنگي حوالي سان نهايت اهميت هئي.

ڪلهوڙا دؤر ۾ سنڌ جا هندو جن کي ديوان چيو ويندو هو، سرڪاري طور اهم عهدن تي مقرر هئا، جن مان فتوحل جيڪو پريتم داس جو پٽ هو، ميان نور محمد جو وزير رهيو. انهيءَ دؤر ۾ هالاڻي هندن جو مرڪزي شهر طور سڃاتو ويندو هو، هڪ وڏي زيارتگاهه ويساکيءَ جي مندر جي درشن لاءِ پوري هندستان جا ماڻهو ايندا هئا. هاڻي درياه جي اورئين ۽ پرئين ڪپ تي ويٺل هندن کي هالاڻي تائين پهچڻ لاءِ اهو ساڳيو رستو وٺڻو پوندو هو، مٺياڻي، دليپوٽا، ٺٽ هوتچند، ٺٽ ڳوراهو، ڌامڙو ۽ ڀرپاسي ۾ هندن جي وڏي آبادي هئي، جنهن ڪري به هنن کي هالاڻي تائين پهچڻ لاءِ هڪ شهر جي ضرورت هئي، جيڪو ‘وايا’ طور ڪم اچي. ٺاروشاهه پنهنجي بيهڪ جي ڪري انهيءَ لاءِ نهايت موزون هو.

ٺاروشاهه ۽ ڪلهوڙا دؤر جي لاءِ هڪ ٻي اهم ڳالهه به تاريخ جو حصو آهي ته ڪلهوڙن جي وزير فتوحل کي ئي هن جڳهه تي شهر اڏڻ جو خيال آيو هوندو؛ ڇو جو تاريخي طور اهو به ثابت ٿيل آهي ته هن علائقي ۾ سڀ کان پهرين فتوحل ئي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هئي، جنهن کي ‘فتوحل ڪاروبار’ نالي سان سڏيو ويندو هو. پوءِ جلد ئي هن علائقي جو نالو فتن پور پئجي ويو.

هي اهو ساڳيو دؤر آهي، جڏهن ٺٽي جي مشهور عالم دين محمد هاشم پنهور ٺٽويءَ جي پوٽي مخدوم محمد ابراهيم هڪ فتوا جاري ڪئي ته هندو سنڌ ۾ هاڻي ذمي نه رهيا آهن پر هو حربي آهن. انهيءَ ڪري هنن جو مال کائڻ مباح آهي. هندن جي رياست جوڌپور به دارالحرب آهي، مسلمانن کي اجازت آهي ته هو انهيءَ شهر مان ڦرلٽ ڪري سگهن ٿا ۽ اهو مال سندن لاءِ مباح هوندو؛ ان فتوا جي رد ۾ نصرپور جي تمام وڏي جيد عالم مخدوم عثمان ٺاري هڪ فتوا جاري ڪئي ته هندو، مسلمانن جا ذمي آهن، جوڌپور سان مسلم حاڪمن جو ٺاهه ٿيل آهي، انهيءَ ڪري مسلمان هندن جي مٿان حملا نه ٿا ڪري سگهن. هنن جو مال ڪنهن به صورت انهن لاءِ مباح نه آهي، جنهن تي مخدوم محمد ابراهيمَ، عربيءَ ۾ 120 ورقن تي هڪ هجوَ به لکيو، جنهن ۾ هن مخدوم عثمان ٺارو لاءِ لکيو ته هو مسلمانن سان غداري ڪري هندن جو ساٿ ڏئي پيو. ساٿ ڏيڻ جي ڪري مخدوم عثمان ٺارو کي هندن ۾ گهڻي  پذيرائي حاصل ٿي، بعد ۾ اهو بزرگ هن بستيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٺاروشاهه ۾ نؤلکي پتڻ ڪاروبار جي لحاظ کان نهايت اهم جاءِ، ايئن لکجي ته پوري علائقي ۾ سامان جي رسد ۽ روانگي هن پتڻ جي معرفت ئي ٿيندي هئي. سال جا 6 مهينا اپريل کان سيپٽمبر تائين آبڪلاڻي جي موسم هئي، جنهن ۾ واپار ٻيڙين وسيلي ٿئي پيو، بعد جي مهينن ۾ ڏاند گاڏين ۽ اٺن جي ذريعي سامان آندو نيو ويندو هو.

ميرن جي دؤر ۾ جيڪو 1783ع ڌاري شروع ٿيو، هن شهر جي ڪاروباري حيثيت کي ڏسندي ڊڀري جا ڪوري هتي اچي آباد ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري کاڌيءَ جو ڪپڙو تيار ڪندا هئا. ساڳي دؤر ۾ هندن هتي ٻيا هنرمند به آباد ڪرايا، جهڙوڪ لوهر، ڊکڻ، حجم، کٽي جيڪي ڪپڙو رڱيندا به هئا ته ڌوئندا به هئا. کٽين ۾ اها ڪرت الڳ الڳ هئي. هن شهر ۾ ڪنڀر نه هئا، جنهن جو سبب هي هو ته آبادي کان ميل کن پري مورين جي ڳوٺ ۾ ويٺل ڪنڀر ٿانوءَ کڻي هتي اچي کپائيندا هئا.

موچين جا ڪجهه گهر به مورين جي ڳوٺ ۾ هئا، هاڻي مورين جي ڳوٺ ۾ ويٺل ڪنڀر ۽ موچي پاڻ کي چنا سڏرائين ٿا. نئين شهر جي ڀر ۾ ئي ٻٻرن جو ڳوٺ هو، جتي سربند ڪاريگر رهندا هئا. شهر ۾ موجود گهرن جي تعمير ۾ گهڻو ڪري انهن جون ٺهيل سرون ئي ڪتب آيل آهن. اهي گهڻو ڪري ٻٻر ۽ ٻرڙا هئا. جيڪي ڪچين سرن کان انهن جي پچڻ تائين جا ماهر ڪاريگر هئا.