خانپور  (ن پ ا) خانپور تعلقي جي يو سي ترائي ۾ وڏو ووٽ رکندڙ ڳوٺ قاضي پٽي جي رھواسي علي حسن بروهي پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي جتوئي گروپ ۾ شموليت  ڪري جي يو آءِ جتوئي گروپ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي.علي حسن بروهي چيو ته ڳوٺ کي ڪو به روڊ نه ڏنو ويو، اسڪولن بند آهي ۽ 4 سال کان ڳوٺ اونداھي ۾ ٻڏل آھي، پيپلز پارٽي وارن وٽ دانھي ٿڪجي پياسين.