ڪمپالا (م ڊ) يوگنڊا جي پارليامينٽ ريسلنگ رنگ ۾ مٽجي وئي، ميمبر هڪ ٻئي سان وڙهي پيا، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، پارليامينٽ ۾ نيشنل ڪافي امينڊمنٽ بل تي بحث دوران ميمبر اٽڪي پيا، هڪ ميمبر انٿوني اڪل کي ساٿي ميمبر فرانسس زاڪي ٺونشا وهائي ڪڍيا، حالت نازڪ هئڻ ڪري انٿوني کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، ايوان ۾ هٿيارن جا به منهن کُلي ويا، هو اسپيڪر جي سيڪيورتي ٽيم جي ايوان ۾ هٿيار کڻي اچڻ خلاف احتجاج ڪري رهيو هو. واقعي کانپوءِ فرانسس زاڪي ۽ انٿوني اڪول سميت 12 ميمبرن کي ايوان جي 3 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو.