ماسڪو/واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، پيوٽن جو چوڻ هو ته روس يوڪرين ۾ پنهنجي مقصدن تان پوئتي نه هٽندو. صدر ٽرمپ روسي صدر جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ هو ته مون کي نٿو لڳي ته پيوٽن ڪو رُڪڻ وارو شخص اهي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٽيليفونڪ رابطي دوران ايران واري مسئلي کي سفارتي ذريعي سان حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.