واشنگٽن/ماسڪو(م ڊ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جنگ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته فرانس يوڪرين ۾ يورپ جي فوج مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. فرانس جي صدر ميخانوئل ميڪرون اوول آفيس ۾ صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته ٽرمپ سان اسلامي دهشتگردي سان گڏجي منهن ڏيڻ سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. يوڪرين ۾ يورپ جي فوج مقرر ڪري سگهجي ٿي جنهن تي اعتراض نه هجڻ گهرجن پر روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي ڪو ڀروسو نه آهي. صدر ٽرمپ چيو ته روسي صدر به اسان جو يوڪرين وارو منصوبو مڪمل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته روسي صدر پيوٽن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ٽرمپ جو منصوبو روس نه پر يوڪرين جي مفاد ۾ آهي آمريڪا يوڪرين معدني وسيلن واري معاهدي سان اسان جو ڪو واسطو نه آهي پر ان تي آمريڪا سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.