يوڪرين روس جنگ ۽ آمريڪي پاليسيءَ ۾ تبديلي

0
25
يوڪرين روس جنگ ۽ آمريڪي پاليسيءَ ۾ تبديلي

آمريڪي صدر جو بائيڊن ويندي ويندي يوڪرين کي وڏي پئماني تي پابندي پيل هٿيار ڏيڻ شروع ڪيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ صدر بائيڊن يوڪرين کي روس ۽ اترڪوريا جي فوجي پيشقدميءَ کي روڪڻ لاءِ پري تائين مار ڪندڙ ميزائل استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ هاڻ وري اينٽي پرسنل بارودي سرنگهون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان لاءِ هو هٿيارن تي آمريڪي پابندين کي هنگامي بنيادن تي نرم ڪندا. اهڙين بارودي سرنگهن جي استعمال تي عالمي سطح تي 160 ملڪن تي بندش لاڳو آهي. انساني حقن جي تنظيمن بائيڊن جي ان فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته، اهو يوڪرين لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، ڇو جو يوڪرين دنيا ۾ کاڻين جو نمبر ون ملڪ آهي، جتي هزارين مزدور روزگار ڪندا آهن. اينٽي پرسنل بارودي سرنگهون ننڍا ڌماڪيدار چارجر آهن، جيڪي زمين ۾ دفن ڪري لڪائي رکيا ويندا آهن، جنهن جو مقصد دشمن جي فوجين کي مارڻ يا زخمي ڪرڻ هوندو آهي. انهن کي پري کان به ڌماڪي سان اُڏائي سگهبو آهي. انهن جي استعمال سان دشمن جي فوجين کي رستو مَٽائڻ تي به مجبور ڪيو ويندو آهي. انهن سان توبن يا راڪيٽن کي به سولائيءَ سان نشانو بڻائي سگهبو آهي.

اينٽي پرسنل بارودي سرنگهه اينٽي ٽينڪ بارودي سرنگهه کان مختلف هوندي آهي، جيڪا گاڏين کي نشانو بڻائيندي آهي. پينٽاگون چيو آهي ته، اسان پهرين اينٽي ٽينڪ بارودي سرنگهون موڪليون، هاڻ انهن سان گڏ يوڪرين کي ڪليمور بارودي سرنگهون به ڏنيون آهن، جيڪي اينٽي پرسنل ڌماڪيدار مادي سان ليس آهن. انهن کي زمين کان مٿي به فٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ آپريٽر به هلائي سگهي ٿو. آمريڪا جي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن ٻڌايو آهي ته، يوڪرين پنهنجون به بارودي سرنگهون ٺاهي رهيو آهي پر هاڻ روس ۽ اتر ڪوريا جون 70 هزار فوج ڪرسڪ ۽ ٻين علائقن ڏانهن پيشقدمي شروع ڪئي آهي، انهن کي روڪڻ لاءِ اهي قدم ضروري آهن. پينٽاگون جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ان معاملي تي بائيڊن انتظاميا ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن. ڇو جو اهي “گونگيون سرنگهون” پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ تمام وڏو خطرو آهن. يوڪرين 2022ع کانپوءِ تيزيءَ سان پنهنجا علائقا وڃائي رهيو آهي.

بائيڊن انتظاميا نئين چونڊيل صدر ٽرمپ جي دنيا ۾ جنگين جي خاتمي وارن بيانن ۽ روس ڏانهن لچڪدار رويي، سميت روسي ۽ ڪوريائي فوجن جي پيشقدمي کي ڏسي پنهنجي پاليسي کي فورن تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا وٽ هن وقت به 3 ملين اينٽي پرسنل بارودي سرنگهون آهن. آمريڪي فوج آخري ڀيرو 1991ع ۾ خليج فارس ۽ 2002ع ۾ افغانستان ۾ اهي بارودي سرنگهون استعمال ڪيون. روس يوڪرين ۾ 2022ع ۾ 13 مختلف قسمن وارن هٿيارن واريون اينٽي پرسنل بارودي سرنگهون سرحدي علائقن ۾ لڳائي ڇڏيون آهن. انهن تي عالمي پابندين واري “اوٽاوا ڪنوينشن”  تي نه روس ۽ نه ئي آمريڪا صحيحون ڪيون آهن. نيٽو جي ماهرن موجب، ان سرنگهه جي تياريءَ تي 3 کان 75 ڊالر خرچ ايندو آهي پر ان کي صاف ڪرڻ تي 300 کان هڪ هزار ڊالر خرچ ايندو آهي.

صدر جو بائيڊن 300 ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ آمريڪا جو جديد ترين آرمي ٽيڪنيڪل ميزائل سسٽم ATACMS يوڪرين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي 1980ع ۾ آمريڪي دفاعي صنعتڪار لاڪ هيڊ مارٽن تيار ڪيو ويو هو. ان کي ملٽيپل لانچ راڪٽ سسٽم ذريعي به لانچ ڪيو ويندو آهي. جنهن تي يوڪريني فوج روسي علائقن تي انهن کي فائر ڪرڻ ۾ دير ئي ناهي ڪئي، جنهن تي ماسڪو چيو آهي ته، انهن ڇهن ميزائلن کي هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻن مان هڪ ويران علائقي ۾ ڪريو آهي، جنهن جي هڪ ٽڪڙي سان روسي فوج جي هٿيارن جي ڊپو ئي باهه لڳي آهي پر ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. ماسڪو ان عمل کي “باهه تي تيل ڇڙڪڻ” برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته، هاڻ صاف ظاهر آهي ته، ان جنگ ۾ آمريڪا به شامل ٿي ويو آهي، ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته، روس جي نئين ڊاڪٽرائن موجب، روس تي حملو هر ڪنهن کي مهانگو پوندو، ان سان هاڻ آمريڪي اتحادي نيٽو جا ملڪ به محفوظ نه رهي سگهندا. اهي ميزائل يوڪريني نه پر آمريڪي فوجي هلائي رهيا آهن، ان جو اسان جواب ڏينداسين. يوڪريني فوج جو چوڻ آهي ته انهن ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا آهن. دميتري اهو به اعلان ڪيو آهي ته، روسي صدر پيوٽن سال کان التوا ۾ پيل روسي ڊاڪٽرائن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب روس پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتيءَ جي سوال تي ايٽمي هٿيار بنا ڪنهن جي اجازت جي نان نيوڪليئر ملڪن خلاف به استعمال ڪري سگهي ٿو. ان ڊاڪٽرائن موجب، روس پنهنجي ڪنهن به اتحادي تي حملو پنهنجي خلاف تصور ڪندو ۽ ان جي دفاع لاءِ هو ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. جيتوڻيڪ آمريڪا اهڙي غلطي ڪئي آهي، ان ڪري ان جا اتحادي نيٽو، برطانيا، فرانس به ان فيصلي جا حامي سمجهيا وڃن ٿا، ان ڪري هاڻ اسان پنهنجا ايٽمي هٿيار اُتر ڪوريا ۽ ٻين اتحادين جي مدد سان گڏ نيٽو ۽ ان جي حامي ملڪن خلاف به استعمال ڪري سگهون ٿا. روس جي اهڙي اعلان بعد روسي ۽ اتر ڪوريائي فوجن ڪرسڪ ۽ ٻين يوڪريني شهرن تي قبضي لاءِ باضابطه طور پيش قدمي شروع ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪا مارچ ۾ ڳجهي نموني اهي ميزائل يوڪرين پهچائي ڇڏيا هئا. نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ کي پينٽاگون جي ذريعن ٻڌايو آهي ته، ڪيف روسي ڪرسڪ جي 28 ڳوٺن تي قبضو ڪيو آهي، هاڻ اتان اڳتي ٻيا علائقا قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پر اترڪوريا جي فوج انهن جي رستي روڪ ڪري ورتي آهي، انهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڪيف کي اهو ميزائل سسٽم فراهم ڪيو آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته، بائيڊن انتظاميا باهه تي تيل ڇڙڪي ڇڏيو آهي، جيئن ٽرمپ لاءِ مسئلا پيدا ٿين ۽ بائيڊن ويندي ويندي صدر زيلنسڪي جا هٿ مضبوط ڪري رهيو آهي، جيئن ٽرمپ جي هر پاليسي اختلافن جي ور چڙهيل هجي. بائيڊن ٽئين عالمي جنگ لاءِ ماحول سازگار ڪري رهيو آهي، جيڪا خود آمريڪا جي مفاد ۾ به ناهي، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ٽرمپ اهڙن فيصلن کي ڪيئن ٿو هينڊل ڪري. برطانيا ۽ فرانس جيڪي ڊيموڪريٽڪ حڪومت جا حامي آهن، انهن به يوڪرين کي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل اڳ ئي ڏنا آهن، هاڻ ٽرمپ جي رد عمل تي هو به ڪيف کي اهڙي اجازت ڏئي سگهن ٿا، جنهن تي فرانس اڳ ئي چيو آهي ته اسان به بائيڊن جهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

تجزيه ڪار ميدان جنگ ۾ اصل حقيقتن کي تبديل ڪرڻ طرف اشارو ڪندي چون ٿا ته، اصل ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن لاءِ شطرنج جي اهڙي چال ڇڏي پئي وڃي، جنهن سان پوري گيم ئي تبديل ٿي ويندي. دفاعي ماهر اناتول ليون جو چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميا ٽرمپ جي جنگ ختم ڪرڻ واري پاليسي آڏو بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڇو جو بائيڊن انتظاميا مستقبل جي ڳالهين کان اڳ زيلينسڪي جا هٿ مضبوط ڪرڻ ٿي گهري ۽ ٽيون سبب اهو آهي ته زمين تي تبديل ٿيندڙ حالتن جو جواب ڏيڻ لاءِ پاليسي بدلائڻ جي ضرورت آهي. بائيڊن انتظاميا نيٽو جي حامي ۽ روس کي يوڪريني علائقن مان بي دخل ڪرڻ جي حامي آهي، جڏهن ته ٽرمپ نيٽو مخالف ۽ ٻنهي ملڪن جي جنگ جي خاتمي جو حامي پر يوڪرين جو سخت دشمن آهي. جڏهن ته ٽرمپ جي پيوٽن سان بهتر لاڳاپن جي ڪري زيلينسڪي سخت پريشان به آهي جنهن اعلان ڪيو آهي ته هاڻ ڳالهيون اسان نه پر اسان جا ميزائل ڳالهائيندا. جڏهن ته ٽرمپ جي پارٽي به سياسي داءَ تي لڳي وئي آهي. جڏهن ته ريپبلڪن جي هڪ ڌر سمجهي ٿي ته يوڪرين جو دفاع آمريڪا جي قومي دفاع لاءِ ضروري آهي. ڪيف ۾ هڪ يورپي سفارتڪار جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو يوڪرين لاءِ وڏي جوا آهي، اهو فيصلو روس لاءِ جنگي لاڳت کي به وڌائي سگهي ٿو. هڪ دفاعي ماهر جو چوڻ آهي ته پينٽاگون خبردار ڪيو آهي ته انهن وٽ ايترا ميزائل ئي ناهن جو يوڪرين کي ڏئي سگهون، اسان وٽ ٻيون جنگيون به هلي رهيون آهن. وچ اوڀر ۾ اسرائيل سان به نڀائڻو آهي ان ڪري يوڪرين کي چيو آهي ته، هو انهن ميزائلن جو استعمال گهٽ ڪري. فوجي مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ميزائل نفسياتي اثر لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، اصل ۾ يوڪرين روس خلاف فرانس جا اسٽارم شيڊو ميزائل استعمال ڪري رهيو آهي.

روسي پيش قدمي ۽ يوڪرين جي روسي علائقن تي ميزائل حملن بعد آمريڪا ڪيف ۾ موجود پنهنجي سفارتخاني کي بند ڪري پنهنجي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو يا ته واپس موٽي اچن يا وري محفوظ هنڌن تي هليا وڃن ۽ سفارتخاني سان رابطي ۾ رهن ڇو جو يوڪرين جي حملن بعد صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، ان ڪري اسان به پنهنجو سفارتخانو بند ڪري رهيا آهيون. ٽرمپ جي وڏي پٽ ڊونلڊ جونيئر ٽرمپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته، “ائين پيو لڳي ڄڻ ملٽري انٽيليجنس ڪمپليڪس دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ شروع ڪرائي رهي آهي. ان کان اڳ جو بابا ٽرمپ کي دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ جو موقعو ملي هو، هاڻ کان ئي نئين سازش ۾ جٽي ويا آهن. نئين صدر پهرين ئي واعدو ڪيو هو ته هو عهدو سنڀاليندي ئي يوڪرين جنگ کي ختم ڪرائيندو ۽ جن 6 علائقن تي روس قبضو ڪيو آهي اهي انهن جي ئي ملڪيت رهندا. نيٽو ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير ڪرٽ وولڪر جو چوڻ آهي ته، آمريڪا روس کي چڙ ڏيارڻ لاءِ اهڙي پاليسي اختيار ڪئي آهي. ان قسم جي تبديليءَ کي عام ڪرڻ هڪ تمام وڏي غلطي آهي، ان سان روس کي يوڪريني حملن جي اڳواڻ اطلاع ڏيڻ به آهي. ٽرمپ جي نائب صدر جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته، آمريڪا يوڪرين کي وڌيڪ فوجي امداد نه ڏيندو ۽ ٽرمپ صدارت سنڀاليندي ئي يوڪرين کي ميزائل استعمال ڪرڻ واري حڪم کي فورن ختم ڪندو. پر اها خبر ناهي ته ان وقت ٽرمپ ڪهڙي پاليسي اختيار ڪندو پر يوڪرين حڪومت ۽ عوام کي خبر آهي ته پوءِ انهن کي هٿيار ملڻ بند ٿي ويندا. يوڪريني پارليامينٽ ميمبر اوليڪسي گونچارنيڪو ٻڌايو ته، اسان ٽرمپ جي فيصلي بابت سخت پريشان آهيون. بائيڊن، آمريڪي ميزائلن کي روس جي شھرن تي حملن جي اجازت ڏئي نيوڪليئر جنگ جا خطرا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن جا اثر سڄي دنيا تي پوندا