ڪيف (م ڊ) يوڪريني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي 27 لک ڊالر رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. يوڪين جي اينٽي ڪرپشن پراسيڪيوٽر آفيس طرفان چيف جسٽس جي گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ بڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي سربراهه کي حراست ۾ وٺڻ کان اڳ نوٽيس نه ڏنو ويو هو. ميڊيا رپورٽن موجب يوڪريني سپريم ڪورٽ جو سربراهه چيف جسٽس ويسوولود نيازيف آهي جن ان خبر جي حوالي سان ڪوشش جي باوجود رابطو نه ڪيو. يوڪريني سپريم ڪورٽ جي پريس سروس سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ان حوالي سان هڪ غير معمولي اجلاس گھرايو ويو آهي. يوڪريني اينٽي ڪرپشن بيورو گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ ٻڌايو هو ته هنن عدليا ۾ هڪ وڏي پيماني تي ڪرپشن جو پتو لڳايو آهي، اداري طرفان ڊالرن جي تصوير به جاري ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب ويسوولود نيازيف کي آڪٽوبر 2021ع ۾ سپريم ڪورٽ جو سربراهه چونڊيو ويو هو، ان کان اڳ هو عدليا ۾ جج ۽ سيڪريٽري جي حيثيت سان ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي.