ڪيف (م ڊ) يوڪرين جي فوج پهريون ڀيرو روس تي ڊگهي رينج وارن آمريڪي ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو، ڪيف روس جي سرحدي علائقي براينسڪ ۾ هٿيارن جي ڊپو کي آمريڪا طرفان مليل ميزائلن سان نشانو بڻايو. آمريڪي صدر جو بائيڊن 2 ڏينهن اڳ يوڪرين کي روس خلاف ڊگھي رينج جا ميزائل استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي جڏهن ته روسي صدر پيوٽن آمريڪي ميزائل استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ٽين عالمي جنگ جي ڌمڪي ڏني هئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اڱاري ڏينهن روسي فوج جو چوڻ هو ته يوڪرين سرحدي علائقي براينسڪ ۾ آمريڪي ڊرگ رينج ميزائلن سان هڪ فوجي تنصيب کي نشانو بڻايو، آمريڪي اختيارين طرفان هٿيارن جي استعمال جي اجازت ملڻ کان پوءِ اهو پهريون حملو آهي، روسي بچاءَ واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دشمن تي صبح 3 لڳي 25 منٽن تي برائنسڪ ۾ هڪ تنصيب کي 6 بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو، تصديق موجب حملي آمريڪي ساخت آرمي ٽيڪٽيڪل ميزائل سسٽم استعمال ڪيو ويو آهي. هوڏانهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن روس جي نئين ايٽمي ڊاڪٽرائن جي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين جوهري ڊاڪٽرائن تحت ڪنهن به غير جمهوري طاقت جي حمايت سان ٿئي ته اهو ٻنهي ملڪن جو روس تي گڏيل حملو تصور ڪيو ويندو.