ڪيف (م ڊ) يوڪرين رات جو دير سان آمريڪي ميزائلن ۽ ڊرون سان روس تي حملو ڪري ڏنو، مختلف علائقن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب ٻن صنعتي فيڪٽرين کي نقصان رسيو، ڏکڻ روس جي وڏي شهر اينگلز ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻو پئجي ويو، جڏهن ته اڏامون معطل رهيون. روسي نيوز چينلز موجب حملي دوران روس يوڪرين جا 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ 5 آمريڪي ميزائل ڪيرايا ويا، ماهرن موجب اهو حملو روس خلاف هڪ منظم ۽ وڏي پيماني تي آپريشن جو حصو هو. تازي حملي کانپوءِ يوڪرين جنگ عالمي تڪرار طرف وڌي رهي آهي، اولهه امڪاني جوابي حملي لاءِ تيار رهي، ٻئي طرف آمريڪي نئين چونڊيل صدر جنگبندي ۽ ڳالهين تي زور ڏنو آهي، جنهن سان يوڪرين لاءِ آمريڪا جي ڊگهي مدي واري حمايت مشڪوڪ بڻجي وئي.