ماسڪو (م ڊ): روس جي سٽي ڪورٽ کليل طور تي روس جي يوڪرين ۾ جنگ تي تنقيد ڪرڻ تي انساني حقن جي عملبردار ۽ ڪريملن تنقيد نگار ولادمير ڪارا مرزقا کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ياد رهي ته انساني حقن جي علمبردار ۽ ڪريمنلن تنقيد نگار عوامي طور تي روس جي يوڪرين ۾ جنگ تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس ماسڪو جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڪارا مرزا کي شروعاتي طور تي هڪ سال اڳ سي اين اين اين کي انٽرويو بعد تحويل ۾ ورتو ويو هيو، جنهن ۾ هن روس جي صدر ولادمير پيوٽن جي يوڪرين ۾ جنگ واري عمل کي تقنيد جو نشانو بڻايو هيو.