اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوڪرين جو پرڏيهي وزير 30 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان ياترا تي اسلام آباد پهچي ويو، يوڪريني پرڏيهي وزير دمتريو ڪاليبا پرڏيهي وزارت جي آفيس پهتو ته پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سندس آجيان ڪئي، گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ امن چاهي ٿو، جنگ واري ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستان يوڪرين جي عوام جي پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪئي هئي، يوڪريني پرڏيهي وزير چيو ته ڏکي گهڙيءَ ۾ دوست ئي هڪ ٻئي جي ڪم ايندا آهن، اسان به 2 سال اڳ خوراڪ جي کوٽ دوران پاڪستان جي مدد ڪئي هئي، پاڪستان سان معاشي، اقتصادي ۽ فوڊ سيڪيورٽي وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.